سماجي رابطن جي مشهور ايپ انسٽاگرام ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي

لنڊن:سماجي رابطن جي مشهور ترين پليٽ فارم فيس بڪ جي ملڪيت ايپ انسٽاگرام ۾ هڪ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي. جنهن جي تحت هاڻ فيس بڪ ميسنجر کي انسٽاگرام سان گڏ ضم ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انسٽاگرام تي هي نئين اپ ڊيٽ آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ٻنهي صارفين جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن نئين اپ ڊيٽ تحت انسٽاگرام ايپ جي سڌي هٿ جي طرف ڊائريڪٽ ميسج جي آئيڪن کي فيس بڪ ميسنجر جي آئيڪن سان تبديل ڪيو ويو آهي.فيس بڪ ميسنجر کي انسٽاگرام جي ڊائريڪٽر ميسج سان گڏ ضم ڪرڻ جو هي فيچر اڃان تائين سمورن صارفين جي لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو پر چيو پيو وڃي ته هي تمام جلد سڄي دنيا ۾ صارفين جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔