ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ليکڪ سارنگ جويو گهر پچي ويو

ڪراچي: ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ليکڪ سارنگ جويو   گهر پهچي ويو، سندس گهر واري سهڻي جويو  مڙس جي بازيابي لاءِ آواز اٿارڻ تي سنڌ واسين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سارنگ کي صبح سوير ڪراچي جي الآصف اسڪوائر وٽ  ڇڏيو ويو، سمورن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي تائين جدوجهد جاري رهندي. ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ليکڪ سارنگ جويو جي گهر واري سهڻي سندس بازيابي جي تصديق ڪندي چيو ته سندس مڙس کي اڄ صبح سوير  ڪراچي جي الآصف اسڪوائر وٽ ڇڏيوويو. سهڻي جويو سارنگ جي بازيابي لاءِ آواز اٿارڻ تي سنڌ واسين جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو سنڌ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين پاران سارنگ جويو لاءِ آواز اٿارڻ تي ٿورائتي آهي. سهڻي جويو چيو ته کنڀي گم ڪيل آخري ماڻهو جي بازيابي تائين سندن جدوجهد جاري رهندي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔