چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ جي رپورٽ تي عدم اطمينان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪي اليڪٽرڪ جي رپورٽ تي عدم اطمينان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي .

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪرنٽ لڳڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڌ ڪراچي بجلي کان محروم آهي ، اڌ شهر اوندهه ۾ ٻڏل هوندو آهي ، هي ڪير ٿيندا آهن بجلي بند ڪرڻ وارا؟

چيف جسٽس چيو ته ماڻهو مرن ٿا ۽ هي وڃي عدالتن مان 50 هزاررپين ۾ ضمانتون ڪرائي وڃن ٿا ،هي ماڻهن جي زندگي جو مسئلو آهي ، انهن جي آسري نه ٿو ڇڏي سگهجي

هن چيوته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي آهي جنهن جو نتيجو شهر واسي ڀوڳي رهيا آهن .ڪي اليڪٽرڪ وارا هتان رڳو ڪمائيندا آهن ، باقي سياستدان جيل هليا ويندا آهن انهن لاءِ مسئلو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔