عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ هلائڻ وارو مان هئس، هو منهنجي گهر مان وزيراعظم ٿي ويو هو،جاويد ميان داد

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد چيو آهي ته عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ هلائڻ وارو آئون هئس، هو منهنجي گهر مان وزيراعظم ٿي ويو هو. يوٽيوب تي پنهنجي چينل ذريعي پيغام جاري ڪندي جاويد ميانداد چيو ته آئون ڪپتان هئس عمران خان جو هو منهنجو ڪپتان نه هو، هاڻي سياست ۾ به ايندس ۽ کيس ٻڌائيندس ته سياست ڇاٿيندي آهي. هن چيو ته ڇا ملڪ ۾ سينئر ڪرڪيٽر ۽ ڪرڪيٽ کي سمجهڻ وارا ناهن جو عمران ٻاهران ماڻهو آڻي بورڊ تي ٿاڦيا آهن جن کي ڪابه خبر ناهي. ميانداد چيو ته ملڪ جي ڪرڪيٽ کي تباهه ڪيو پيو وڃي، سرفراز سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو ، ٻيهر پنجاب ۽ سنڌ جي ڪرڪيٽ جو تاثر پيو ملي. هن چيو ته سموري زندگي ڪرڪيٽ کيڏي ملڪ جي خدمت ڪئي انڪري جيڪڏهن ڪجهه به غلط ٿيندو ته ماٺ ڪري نه ويهندس. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته عمران خان نوڪريون ته نه ڏئي سگهيو آهي پر هاڻي رانديگرن کان روزگار کسي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔