بالي ووڊ جو مشهور اداڪار سنجي دت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا

ممبئي: بالي ووڊ کان اها افسوسناڪ خبر آهي ته منا ڀائي ايم بي بي ايس، کل نائيڪ، واستوو سميت ڪيتريون ئي مشهور فلمز ڏيندڙ اداڪار سنجي دت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي..
خبرون آهن ته سنجي دت کي فوري طور علاج لاءِ آمريڪا وٺي وڃڻ جو پروگرام جوڙيو ويو آهي، جتي هن جي ڦڦڙن جي ڪينسر جو علاج ڪيو ويندو. سنجي دت جي هڪ ويجهي دوست ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڪٽنب اڄڪلهه دبئي ۾ رهي ٿو.
ٻئي طرف سنجي دت پاڻ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ه علاج لاءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي ڪم کان پري رهندو ..
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ته هو ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي ، پر چيو ته هن جا گهر وارا ۽ دوست هن وقت ان سان گڏ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔