سيلينا گومز ذهني مريضن جي سار سنڀال لاءِ هڪ سئو ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو


واشنگٽن: آمريڪي گلوڪاره سيلينا گومز  پنهنجي ميڪ اپ واريون شيون ٺاهيندڙ ڪمپني جي ذريعي ايندڙ 10 سالن لاءِ ذهني مريضن جي علاج ۽ خدمتن جي لاءِ 100 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب گلوڪار هن فنڊ کي ريئرامپڪٽ فنڊ جو نالو ڏنو آهي جيڪو سيلينا جي 29هين سالگره جي موقعي تي قائم ڪيو ويو آهي.اعلان موجب اداڪاره جي ڪمپني هر سال پنهنجي مصنوعات جي وڪرو مان حاصل ٿيندڙ منافعي جو هڪ سيڪڙو فنڊ ۾ ڏيندي.سيلينا عورتن لاءِ ميڪ اپ ۽ بيوٽي پروڊڪٽس تيار ڪندڙ ڪمپني هلندڙ سال فيبروري ۾ قائم ڪئي هئي. هاڻ هن ڪمپني جو منافعو ذهني مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔