قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊسمبر ۾ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي


لاھور: قومي ڪرڪيت ٽيم ڊسمبر ۾ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيت ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.نيوزيلينڊ جي ميڊيا موجب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ  وچ ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا ويندا. ڪورونا جي باوجود انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز منعقد ڪئي ويندي.نيوزيلينڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر موجب نيوزيلينڊ جي پاڪستان، آسٽريليا، بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز سان سيريز شيڊول آهي. انٽرنيشنل ٽيمن جي آئسوليشن جا انتظام ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته ان کان اڳ ڪورونا وبا سبب ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ملتوي ڪيو ويو هو.ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل چيو هو ته ڪورونا وبا سبب ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ملتوي ڪرڻو پيو هو. ايشين ڪپ کي جون 2021 ۾ منعقد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ايشين ڪرڪيٽ  ڪائونسل بيان ۾ چيو هو ته جون 2021 تي ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان جي بجاءِ سريلنڪا ڪندو.ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ 2022 جي جي ميزباني ڪندو. پي سي بي ايشيا ڪپ جي ميزباني جا حق سريلنڪا کي ڏنا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔