لبنان ڌماڪي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي؛ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

نيويارڪ: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته بيروت بم ڌماڪن جيصاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ، ان ۾ عوامي ڪاوڙ جائز آهي ۽ انهن جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي.انتونيو گوتيرس چيو ته لبناني عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گڏيل قومون لبنان سان گڏ بيهنديون ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪنديون. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هن لبناني عوام لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڏنو.اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ بم ڌماڪي بعد ملڪ ۾ شديد احتجاج جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔