شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان؛ نيلم منير

ڪراچي : دل موم ڪا ديا جي اداڪارا نيلم منير ڊرامن ۽ فلمن ۾ بولڊ ڪردار ڪندي نظر اچي ٿي پر حقيقي زندگي ۾ هو شادي کان اڳ ڪنهن جي محبت ۽ ملاقاتن تي يقين نٿي رکي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب نيلم منير فوشيا ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ شادي، آئيڊيل شريڪ حيات، محبت ۽ زندگي سميت ڪيريئر ۽ معاشري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته هو ڪهڙي قسم جي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيندي. هن چي ته کيس اهڙا ماڻهو پسند آهن جيڪي پنهنجي گهرڀاتين جي عزت ڪن. نيلم منير موجب جيڪو شخص پنهنجي والده سميت ڪٽنب جي ٻين ماڻهن ۽ سندس والده سميت ٻين گهرڀاتين جي عزت ڪري ٿو کيس اهي ماڻهو پسند آهن. هن چيو ته شادي کان اڳ هو ڪنهن قسم جي ملاقاتن ۽ محبت تي يقين نٿي رکي ڇو ته سندس خيال ۾ اهو عجيب معاملو آهي ته شادي کان اڳ ڇوڪري ڪنهن لاءِ پاڻ سينگاري ۽ کيس تيار ٿيڻو پوي. اداڪارا وضاحت ڪئي ته شادي کانپوءِ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو پر شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان. هن وڌيڪ چيو ته انسان جي ڳالهائڻ ۽ هلڻ چلڻ وارو انداز ئي ان جي شخصيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته خاص طور ناريون ڪنهن به شخص سان ملندي وقت ان سان ڳالهائڻ جي انداز، اٿڻ، ويهڻ ۽ هلڻ سان ئي انهن جي شخصيت جو اندازو لڳائين ٿيون. مان ڪنهن مرد جي شخصيت جاچڻ لاءِ ان کي گهوري نه ڏسندي آهيان پر سندس ڳالهائڻ جي انداز، اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ واري انداز سان ئي پتو پئجي ويندو آهي. هن پنهنجي مرد مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته هو هو سٺي کان سٺي جي ڳولا ۾ ڪڏهن معصوم شخصيتن کي نه وڄائين، اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته هو دارالامان ۽ ايڌي سينٽرز وڃي تيم نارين سان شاديون ڪري انهن جي زندگين لاءِ سٺو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڀاءُ هجي ها ته هو کيس اها ئي صلاح ڏئي ها ته دارالامان جي ڪنهن يتيم ناري سان شادي ڪري ان جو سهارو بڻجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔