نه بجلي آهي ۽ نه پاڻي، ماڻهو پاڻ کي گهرن ۾ قرنطينه ڪيئن ڪندا؟ :چيف جسٽس

ڪراچي : نه بجلي آهي ۽ نه پاڻي، ماڻهو پاڻ کي گهرن ۾ قرنطينه ڪيئن ڪندا؟ سُپريم ڪورٽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي عذاب ۽ ڪرنٽ سبب جاني نقصان واري معاملي تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري ويهي وئي پر بجلي نه آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي اِن ڪري نه آندو آهي جو هتي لوڊشيڊنگ ڪري، نيپرا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته هر ماڻهو چوي ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ کي قومي تحويل ۾ ورتو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او چيو ته اسان لوڊشيڊنگ نه ڪندا آهيون، بجلي جي فراهمي ۾ شارٽ فال آهي، چيف جسٽس سي اي او سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان کي چيو ويو آهي ته ماڻهن کي رڳڙو ڏيو، جيڪڏهن توهان کي نقصان ٿي رهيو آهي ته هليا وڃو، بجلي بند ناهي ڪرڻي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي او چيو ته اسان جون وفاقي حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، چيف جسٽس چيو ته ڇڏيو وفاقي حڪومت کي، توهان پنهنجي ڪمپني جو پاڻ ٻڌايو،خبر آهي ته توهان ڇا ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔