قومي اقليتي ڪميشن پاران پاڪستان مان لڏي ويل 11 هندن جي ڀارت ۾ مارجي وڃڻ واري واقعي جي مذمت

اسلام آباد: قومي اقليتي ڪميشن (اين سي ايم ) ڀارتي رياست راجسٿان جي ضلعي جوڌپور ۾ پاڪستان مان لڏي ويل 11 هندن جي پراسرار موت  واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

مذهبي معاملن واري وزارت ۾ اين سي ايم جي ٻئي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪميشن جي چيئرمين چيلارام ڪيوالاڻي انهن هندن جي مارجي وڃڻ جي مذمت ڪئي جيڪي 8 سال اڳ پاڪستان کان ڀارت لڏي ويا هئا .

اقليتي ڪميشن جي چيئرمين چيو ته ڪميشن ڀارت ۾ مذهبي اقليتن خاص ڪري والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه مسلمانن خلاف مودي سرڪار پاران ڪيل ظلمن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي.

چيلارام ڪيولاڻي جو چوڻ هو ته ڀارت جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪندو آهي ان کي اقليتن سان ڪجهه انساني سلوڪ ڪرڻ گهرجي .

هن چيوته مظلوم ڪشميري اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان ڀارت پارانگذريل سال 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ واري عمل جي مخالفت جاري رکنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔