آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پريس بريفنگ دوران وائيٽ هائوس ٻاهران فائرنگ

نيويارڪ :آمريڪي صدر جي پريس ڪانفرنس دوران وائيٽ هائوس ٻاهران فائرنگ ڪندڙ شخص کي سڪيورٽي اهلڪارن گوليون هڻي زخمي ڪر ي وڌو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هڪ شخص وائيٽ هائوس ٻاهران فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن بعد آمريڪي صدر کي سڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي گهيري ۾ آڻي پريس ڪانفرنس واري آفيس مان ٻاهر وٺي ويا. ڪجهه دير بعد ٻيهر آمريڪي صدر واپس اچي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته وائيٽ هائوس ٻاهران هڪ شخص کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي، فائرنگ ڪندڙ شخص کي آئون نٿو سڃاڻان ۽ نه وري سندس جي ارادن جي خبر آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا کي ٻڌايو ته فائرنگ سبب پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏڻي پئي،سڪيورٽي اسٽاف ٻڌايو آهي ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن تنهنڪري واپس آيو آهيان. پريس ڪانفرنس دوران ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ ٻيهر معمول جي زندگي بحال ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ نوڪريون اچي رهيون آهن. چين تي تنقيد ڪندي آمريڪي صدر چيو ته چائنه وارس سان جنگ جاري آهي، چين جو ڪِيتو سموري دنيا کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔