ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف قتل جا ڪيس داخل ڪيا وڃن: چيف جسٽس

ڪراچي : ڪي اليڪٽرڪ جو سڄو حساب لڳايو وڃي، ڪراچي وارن جي بجلي بند ڪرڻ تي جيترو ڏنڊ لڳي، لڳايو، سُپريم ڪورٽ بجلي جي ڪرنٽ سبب جاني نقصان وارن ڪيسز ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جو نالو شامل ڪرڻ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا ۾ خراب ماڻهو ويٺا آهن، اُهي ماڻهن کي چڙ ڏياري رهيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ وارن تي ڪروڙن ۾ نه، پر اربين رُپين ۾ ڏنڊ لڳايو، هي ماڻهو کربين رُپين جو ڪم ڪري رهيا آهن، ٻڌڻي دوران نيپرا چيئرمين چيو ته ڪوبه متبادل آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته هي ماڻهو اسٽي آرڊر وٺندا آهن، چيف جسٽس چيو ته اسان سمورا اسٽي آرڊر ختم ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪرڪرنٽ لڳڻ سبب ماڻهن جي مرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف قتل جا ڪيس داخل ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔