اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران چڙيا گهر ۾ جانورن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي زرتاج گُل ۽ ٻين کي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد : ڇا توهان سڀ چاهيو ٿا ته وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪيو وڃي، وزيراعظم کي خبر به نه هوندي ته هيٺ ڇا ٿي رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چڙيا گهر ۾ جانورن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي مملڪتي وزير زرتاج گُل، وائيلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي ميمبرز ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار ملڪ امين اسلم کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ڌُرين کان 27 آگسٽ تائين جواب طلب، ٻڌڻي دوران موسمياتي تبديلي جي سيڪريٽري آگاهي ڏيندي چيو ته هو واقعي جي ذميواري قبولي ٿي، اُن سان ڪابينا ميمبرز جو ڪو واسطو نه آهي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪابينا بورڊ جي منظوري ڏني هئي ته اُهي به ذميوار آهن، عدالت شوڪاز نوٽيس جاري نه ڪرڻ واري اٽارني جنرل جي استدعا رد ڪندي چيو ته گهرن ۾ پالتو جانور رکڻ به غيرقانوني آهي، پر ماڻهن گهرن ۾ شينهن پالي رکيا آهن، حڪومت کي مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي، ڪوبه جانور ايڪسپورٽ نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔