نيب پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) راولپنڊي پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي آفيسر طفيل قاضي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب ذريعن موجب طفيل قاضي بلغاريه ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مقرر رهيو آهي جتي جوابدار سفارتخاني ۾ بطور اڪائونٽنٽ سرڪاري فنڊن کي نقصان پهچايو.

نيب موجب جوابدار 2013 کان 2018 تائين صوفيه بلغاريه ۾ مقرر رهيو.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ نيب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي به طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ کيس 12 آگسٽ تي نيب آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔