جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس سڀاڻي کان بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سڀاڻي کان ميٽرو بس سروس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

انتظاميه موجب ميٽرو بس سروس سڀاڻي پنج مهينن کان پوءِ بحال ڪئي ويندي. ميٽرو بس سروس جي بحالي جي لاءِ ايس او پيز تيار ڪيا پيا وڃن جيڪي اڄ جاري ڪيا ويندا.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن ميٽرو بس سروس جي سمورن آپريٽرز کي تيار رهڻ جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته ميٽرو  ٽريڪ تي آزمائشي طور تي بسون هلايون پيون وڃن.

ميٽرو بس سروس جي معطلي کان پوءِ ميٽرو بس لاڳاپل اڏن تي بيهاريون ويون هيون. مئنيجر آپريشن راولپنڊي شمائله محسن جو ان بابت چوڻ هو ته ميٽرو بس سروس چيف سيڪريٽري پنجاب جي چوڻ تي بند ڪئي وئي هئي.

هن وڌيڪ چيو هو ته ميٽرو بس سروس جي ذريعي صرف جاڙن شهرن(راولپنڊي ۽ اسلام آباد) جي وچ ۾ روزاني هڪ لک پندرنهن کان هڪ لک پنجويهه هزار مسافر روزاني سفر ڪندا هئا جيڪي ڪورونا وائرس کان پوءِ جي صورتحال ۾ انتهائي گهٽ ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔