لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي کان اڳ نيب آفيس ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ چڪريون

لاهور : لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي کان اڳ نيب آفيس ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون ۽ اهلڪارن طرفان ليگي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ به ڪئي وئي، ڪارڪنن پاران پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو ويو، رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نيب آفيس ٻاهران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ذريعن موجب نيب ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ مريم نواز جي پيشي ملتوي ڪري ڇڏي، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ مريم نواز جو بيان رڪارڊ نٿو ڪري سگهجي، مريم نواز سان فون تي رابطو ڪري واپس وڃڻ جي هدايت، مريم نواز واپس رائيونڊ واپس رواني، مريم نواز ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پوليس ۽ انتظاميا ليگي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، حڪمران ايترو ڊڄن ٿا ته پوءِ طلب ڇو ٿا ڪن؟ پوليس اهلڪارن منهنجي گاڏي تي به پٿراءُ ڪيو، بُلٽ پروف گاڏي نه هجي ها ته خبر ناهي ڇا ٿئي ها، مريم نواز طرفان پوليس جي ڪارروائي شرمناڪ قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته مريم نواز واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واپس ڪارڪنن جي وچ ۾ پهچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔