لاهور ۾ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ٻيهر نيب آفيس ٻاهران پهچي وئي

لاهور : لاهور ۾ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ٻيهر نيب آفيس ٻاهران پهچي وئي، نيب آفيس ٻاهران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مريم نواز طرفان واپس نه وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ ڪارڪن مريم نواز سان گڏجي ويا، مريم نواز جو چوڻ هو ته بيان رڪارڊ ڪريو، اڄ مان هتان نه وينديس: مريم نواز گاڏي مان لهي آئي، هتي بيٺي آهيان، گهرايو آهي ته جواب به ٻڌي وٺو، مون کي نقصان پهچائڻ لاءِ نيب آفيس گهرايو ويو، هن چيو ته پوليس جي پٿراءَ سبب منهنجي گاڏيءَ جا شيشا ٽٽي پيا، مريم نواز جو چوڻ هو ته گاڏي بلٽ پروف نه هجي ها ته مون کي نقصان ٿئي ها، ڊنل آهيو ته پوءِ گهرايو ڇو ٿا، اسان جا حوصلا بلند آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔