چمن ڌماڪو عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي سازش آهي: اعجاز شاهه

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چمن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا واقعا عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي سازش آهي، شرپسند عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چمن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي سندن وارثن ڏک ونڊيو، جڏهن ته زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهري. سندس چوڻ هو ته اهڙي قسم جا واقعا عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي ڪوشش آهي. وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو ته شرپسند عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔