وزيراعظم جي صلاحڪارن جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪارن جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي، عدالت نوٽيس جاري ڪندي خاص معاونن جي مقرري جي طريقيڪار ۽ اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته بدقسمتي سان ماڻهو بريف ڪيس کڻي اچن ٿا ۽ ڀري هليا وڃن ٿا، هتي سندن اثاثا 25 هزار ۽ پرڏيهه ۾ 25 هزار ڊالر هجن ٿا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي صلاحڪارن جي مقررين خلاف داخل درخواست تي چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي حفيظ شيخ، بابر اعواڻ، زلفي بخاري، شهزاد ارباب، معيد يوسف ۽ شهباز گِل سميت وزيراعظم جي سڀني صلاحڪارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي صلاحڪارن جي مقرري جي طريقيڪار، ملڪ لاءِ ڏنل خدمتن ۽ اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس، جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان ماڻهو بريف ڪيس کڻي اچن ٿا ۽ ڀري هليا وڃن ٿا، هتي سندن اثاثا 25 هزار ۽ پرڏيهه ۾ 25 هزار ڊالر هجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔