کوليل شعبن ۾ ٽريس، ٽريڪ ۽ ٽيسٽ جي ضرورت آهي: اسد عمر

اسلام آباد : وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪرونا سبب بند ڪيل مختلف شعبا کولي چڪا آهيون پر وبا بابت ٽريس، ٽريڪ ۽ ٽيسٽ جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرونا ڪيسز وڌي سگهن ٿا. اين سي او سي چيئرمين اسد عمر جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪرونا جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران مذهبي معاملن واري وزير چيو ته ڪرونا بابت جامع پروٽوڪول لاءِ عالمن کان مدد گهري وئي آهي. اين سي او سي اختيارين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته ڪيسز وڌي سگهن ٿا. اجلاس دوران اسد عمر چيو ته سياحت سميت ڪرونا وبا سبب بند ڪيل مختلف شعبا کولي چڪا آهيون پر انهن ۾ ٽريس، ٽريڪ ۽ ٽيسٽ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته عوام جي صحت ۽ تحفظ لاءِ واحد رستو ٽيسٽنگ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔