ايندڙ سال سنڌ وٽ ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ گئس موجود نه هوندي: عمر ايوب

اسلام آباد :توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته ايندڙ سال سنڌ وٽ ڪنهن کي گئس ڏيڻ لاءِ موجود نه هوندي، ايندڙ سياري ۾ به گئس کوٽ ختم نه ٿيندي ۽ نه ئي سنڌ جي پنهنجي ضرورت پوري ٿيندي، گئس کوٽ واري معاملي تي صوبن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبن ۾ گئس جي ورڇ جي حوالي سان بحث ڪيو ويو. اجلاس دوران وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان هڪ ارب 56 ڪروڙ مڪعب فوٽ گئس روزانو سنڌ ۾ ئي استعمال ٿئي ٿي، سنڌ جي رڳو 26 ڪروڙ 10 لک مڪعب فوٽ گئس پنجاب کي وڃي ٿي، ايندڙ سياري ۾ به گئس لوڊشيڊنگ رهندي. وفاقي وزير چيو ته مقامي گئس پيداوار گهٽ ۽ طلب وڌي رهي آهي، گئس کوٽ بابت سڀني صوبن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ گئس جي مڪمل طلب ساڍا 7 ارب مڪعب فوٽ روزانو تائين آهي ۽ کوٽ ساڍا 3 ارب مڪعب فوٽ روزانو تائين آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي صورتحال گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث هيٺ اچي چڪي آهي، سي سي آءِ صوبن کي گئس کوٽ جي مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اجلاس دوران سينيٽر مير ڪبير شاهي چيو ته گئس ورڇ بابت آئين جي آرٽيڪلز 158 ۽ 172 تي عملدرآمد ڪيو وڃي، بلوچستان ۽ سنڌ مان گئس نڪري ٿي، اتان جي عوام کي نه ملي ته احساس محرومي وڌندي. اجلاس دوران سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌ هر غير آئيني قدم جي مخالفت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔