جسٽس قاضي فائزعيسيٰ جـِي گهرواري ٽيون ڀيرو ايف بي آر ۾ پيش، جواب جمع

اسلام آباد : سـُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جـِي گهرواري ٽيون ڀيرو ايف بي آر ۾ پيش ٿي پرڏيهه ۾ ملڪيت بابت تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. سـُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جـِي گهرواري سرينا عيسيٰ ٽيون ڀيرو فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اختيارين آڏو پيش ٿي. سرينا عيسيٰ لنڊن ۾ خريد ڪيل ملڪيت جي آمدني وارن ذريعن بابت ايف بي آر ڪمشنر ۽ انٽرنيشنل ٽيڪس زون وٽ پنهنجو ٻيو تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. جسٽس فائز جي گهرواري ۽ سندس پٽ ارسلان کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔