توقع آهي ته گڏيل قومن وارو ادارو ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو:پرڏيهي وزير

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيوآهي ته اميد آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو

پرڏيهي وزيروولڪن بوزڪر سان ملاقات دوران يواين جنرل اسيمبلي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ به ڏني .

پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ، ڊي جي يو اين ۽ سينئر آفيسر به ملاقات ۾ شريڪ هئا

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي نِئين چونڊيل صدر وولڪن بوزڪرسان ملاقات دوران شاهه محمود قريشي کيس والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪئي ۽ لاڳيتو لائن آف ڪنٽرول  جون خلاف ورزيون به ڪري رهيو آهي .

هن وولڪن بوزڪر کي آگاهه ڪيو ته ڀارت شهرين کي گولين جو نشانو بڻائي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔