آصف زرداري ڏوهن جي ڪيسن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جن ماڻهن عوام جو پئسو لٽيو آهي انهن کي واپس ڪرڻو پوندو، اڳوڻي صدر آصف زرداري مٿان پهريون ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي پارڪ لين ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي رد  عمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته قوم کي سمجهڻو پوندو ته هن انهن جو پئسو ڦريو آهي. آصف زرداري ڏوهن جي ڪيسن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ان کان اڳ سوئس ڪيس ۾ به ان جو نالو آيو پر هو ڪيسن کان بچندو آيو آهي پر هاڻ ائين نه ٿيندو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته زرداري جي سياست ۾ سڀني کان اهم ڳالهه اها هئي ته هو ڪڏهن به گرفتار نه ٿيندو هو. جڏهن ته هو مختلف ڪيسن ۽ ڏوهن کان بچڻ لاءِ اين آر او ڪري ڀڄي ويندو هو. پر هاڻ اها ڳالهه سڀ ٻڌي وٺن ته هاڻ ڪوبه اين آر او نه ٿيندو ان لاءِ کيس ڪيس جي ٽرائل مان گذرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته هن وقت جيترا به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن خاص ڪري هاءِ پروفائل انهن سڀني ۾ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان موجود آهن.

حمزه ۽ شهباز جي ڪيسن ۾ فيصلو اچڻ تي سياست ۾ ڪافي سنجيده صورتحال ٿيندي. ڪجهه ڪيسن ۾ اهڙا فيصلا به اچي سگهن ٿا. هن چيو ته سياستدانن جي ڪوشش هوندي ته ڪا بارگين ٿي وڃي جنهن کان پوءِ ڪيسن کي ڊگهو ڪيو وڃي. پر ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. ها پر اها شيءَ ضرور آهي ته سياست ۾ ڪابه شيءَ آخري اکر ناهي هوندو. فرد جرم تي پ پ جي رد عمل بابت وفاقي وزير چيو ته هي پارٽي لاءِ ڪوبه جهٽڪو ناهي پر قوم لاءِ آهي ته هو ڪنهن کي ووٽ ڏيندي آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔