ارڙهين ترميم ڪرڻ تي منهنجي خلاف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن: آصف علي زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ارڙهين ترميم ڪرڻ تي منهنجي خلاف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن.

پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت جي جج محمد اعظم کي گذارش ڪئي آهي ته وڊيو لنڪ جي ذريعي مان به هن ڪيس جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيان  ٿو.  جنهن کان پوءِ جج صاحب کيس چيو ته اوهان کي حق آهي اوهان چئي سگهو ٿا. جنهن تي آصف زرداري چيو ته مان پاڪستان کي ارڙهين ترميم ڏني ان لاءِ هي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. منهنجي مٿان دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ هي ڪيس ٺاهيا ويا آهن ۽ سياسي بدنامي جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.

آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته عدالتن کي اڻ ڌريو فيصلو ڪرڻ گهرجي جنهن تي جج صاحب چيو ته اسان پهرين سيپٽمبر کي گواهن کي گهرايو آهي جنهن کان پوءِ سموريون حقيقتون واضح ٿي وينديون.

ياد رهي ته احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف  علي زرداري تي وڊيو لنڪ جي ذريعي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔