ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات هلندڙ

ڪراچي :ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي .

 ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، نوابشاه ، خيرپور، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، دادو، سانگهڙ، ۽ شڪارپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به هلڪي هلڪي برسات هلندڙ آهي.

برسات کانپوءِ ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته مينهن جي ڦڙي ڪِرڻ سان ويل بجلي هن وقت تائين موٽي نه سگهي آهي.

ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن بجلي نه هجڻ سبب راتيون جاڳي گذاريو آهي ۽ سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔