سنڌ جي ناليواري شاعرعلي محمد اڏيرائي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي: فالج سبب فوت ٿيل ڪيسيٽ جي دنيا جي  نامياري شاعر علي محمد اڏيرائي جو مڙهه گهاري ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ڪيٽي بندر ڀرسان ڳوٺ اڏيرو لال ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 علي محمد اڏيرائي جي جنازي نماز ۾ اديبن، لکارين ۽ سياسي سماجي شخصيتن سوڌو وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت ڪئي.

 واضح رهي ته علي محمد اڏيرائي فالج جي بيماري سبب بستري داخل هو ۽ گذريل ڏينهن ساهن جا سڳا ٽٽڻ سبب پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.

علي محمد اڏيرائي جي  شاعري سرمد سنڌي، جلال چانڊيو ، فوزيا سومرو سميت سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔