فيصل واوڊا جي نااهلي جو ڪيس 20 آگسٽ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جو ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير فيصل واوڊا جي  نااهلي جي ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تي ٿيندي ۽ جسٽس عامر فاروق ٻنهي مرڪزي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو.

ياد رهي ته فيصل واوڊا عام چونڊن ۾ اين اي 249  تان اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. هلندڙ سال جنوري ۾ خانگي چينل جي صحافي پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته فيصل واوڊا جو عام چونڊن ۾ ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت کي لڪايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔