سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت ، 386 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا، 386 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو تعداد هڪ لک 2 هزار 759 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هيل تائين ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿيل مريضن جو انگ 22 سئو 50 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 522 مريض ٺيڪ ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد هڪ لک 14 هزار 518 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 5 هزار 991 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 250 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 49 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 226 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا، عمر ڪوٽ ۾ 20، سانگهڙ ۾ 16، بدين، شڪارپور ۽ ٺٽي ۾ وڌيڪ 10 _ 10 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 7_ 7، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ 6 _ 6 جڏهن ته ڄامشوري ۾ 5 ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص، قمبر، سجاول، سکر، ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 4_ 4، شهيد بينظير آباد ۾ 3، ۽ دادو ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔