ڪراچي ۾ اڄ به طوفان سان 130 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي:موسميات کاتو

ڪراچي:موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ اڄ به گوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

موسميات کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو عارضي طور بيهي ويو آهي پر شهر ۾ اڄ به گوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي، برسات جو هي سلسلو سڀاڻي تائين هلندو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي جي اتر اوڀر ۾ ٿنڊر سيلز ٺهي رهيا آهن، جنهن ڪري اڄ تيز برسات جو امڪان آهي،

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته مون سون جو چوٿون اسپيل ٻين سمورن اسپيلز کان وڌيڪ طاقتور آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب راجستان ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڪراچي ۽ بلوچستان جي اتر ۾ موجود آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ برقرار آهي جنهن سان شهر ۾ ڪنهن به وقت برسات پوندي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اڄ به 80 کان 130 ملي ميٽر برسات ٿي سگهي ٿي ۽ برسات کان پهرين شهر ۾ طوفان اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سڀاڻي به ڪراچي ۾ گوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔