نيب مريم نواز کان 1400 ڪنال ايراضي جون رسيدون گهري ورتيون

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) مريم نواز کان 1440 جون رسيدون گهري ورتيون.

ذريعن موجب مريم نواز کي سمورا دستاويز 11 آگسٽ تي پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کان پڇيو ويو آهي ته زمين خريد ڪرڻ لاءِ رقم ڪٿان آئي، ايراضي تي ڪيترو ٽيڪس ۽ ڪيتري ڊيوٽي ڏني وئي، 1400 ڪنال مان جيڪڏهن ڪا زمين وڪرو ڪئي وئي آهي ته ان جا تفصيل به ڏنا وڃن، اهو به ٻڌايو وڃي ته حاصل ڪيل زمين ڪهڙي ڏس ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته مذڪوره زمين ڪمرشل استعمال ۾ آهي يا اها پوکائي لاءِ آهي.

ذريعن موجب مريم نواز تي رائيونڊ ۾ قانون جي خلاف سستي اگهه ۾ زمين وٺڻ جو آهي، شريف خاندان طرفان 2013 ۾ 3568 ڪنال ايراضي قانون جي خلاف خريد ڪئي وئي ۽ سڀ کان وڌيڪ زمين نوازشريف ۽ شهبازشريف جي والده شميم بي بي جي نالي منقتل ٿي جيڪا 1936 ڪنال هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔