ڪراچي جو سيوريج نظام ايڏي وڏي برسات جي قابل ناهي:وسيم اختر

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي ۾ سيوريج نظام ان جي قابل ناهي جو اهو ايڏي وڏي برسات کي برداشت ڪري سگهي.

وسيم اختر  چيو آهي ته هر سال نالا صاف ڪيا ويندا آهن ۽ پيسا خرچ ڪيا ويندا آهن، آئون 4 سالن کان پيو چوان ته هر سال نالا صاف ڪرائڻ مشڪل ڪم ناهي، ٽي نالا صاف ڪرائڻ لاءِ سمورو پاڪستان اچي پهتو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 40 وڏا نالا آهن جڏهن ته 500 جي ويجهو ننڍا نالا آهن، ڪچري ۽ سيوريج کي برساتي نالن ۾ وڌو وڃي ٿو جيڪڏهن ڪچرو نه وڌ وڃي ها ته اهڙي حالت نه ٿئي ها.

ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته سيورج جو نظام ٺيڪ ناهي ۽ سمنڊ کي تباهه ڪيو پيو وڃي، شهر  جا سمورا لاڳاپيل شعبا ميئر وٽ هجڻ گهرجن، ميئر ٿئي 4 سال ٿي ويا آهن، پهريون ڀيرو عدالتي حڪم تي سنڌ حڪومت نالن جي لاءِ 50 ڪروڙ روپيا ڏنا آهن.

وسيم اختر وڌيڪ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته بلدياتي سطح تي اختيار چو نٿا ڏنا وڃن، 18 ترميم ٿي چڪي آهي پر صوبائي حڪومت چاهي ٿي ته اختيار کيس وٽ هجن. هن چيو ته جيستائين بلدياتي ادارا مضبوط نه ٿيندا تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔