هر پاڪستاني، هر ڪشميري کي خبر آهي ته حڪومت ڪشمير تي سودو ڪري ڇڏيو آهي: بلاول

اسلام آباد: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو گڏيل پارليامينٽ جَي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هر پاڪستاني، هر ڪشميري کي خبر آهي ته حڪومت ڪشمير تي سودو ڪري ڇڏيو آهي. بلاول چيو ته حڪومت ڪشمير جِي حيثيت تبديل ڪرڻ تي رڳو هڪ منٽ جِي خاموشي ۽ نقشو تبديل ڪري ڀارت کي جواب ڏنو. هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي پارٽي ۽ ٽوئيٽر جو وزيراعظم آهي. پارليامينٽ ۾ ڪشمير بابت ٺهراءُ منظور ٿي ويو پر وزيراعظم ايوان ۾ موجود ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔