آرمي چيف پاران لاهور ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سينئر فوجي آفيسرن سان ملاقات

لاهور: پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه لاهور ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي اڳوڻي عسڪري قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. 

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لاهور پهچي ويو. جتي هن ڪور هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پيشوارانه معاملن ۽ خطي  جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن، ان جي  ثمرات سميت پيش ايندڙ چيلنجن ۽ موقعن تي به روشني وڌي.

شرڪت ڪندڙن مختلف پهلوئن تي تجويزون ڏنيون. آءِ ايس پي آر موجب اڳوڻي عسڪري قيادت ۾ جنرل ريٽائرڊ جهانگير ڪرامت، جنرل ريٽائرڊ احسن سليم، جنرل ريٽائرڊ طارق مجيد، جنرل ريٽائرڊ احسن سليم حيات، جنرل ريٽائرڊ راشد محمود، جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف به ملاقات ۾ شريڪ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔