عيد کانپوءِ اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي: شبلي فراز

لاهور:عيد کانپوءِ اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي، عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ جو ڪو وجود نه آهي، اپوزيشن وارا مائينس ون ۽ ٽُـو جو شوشا ڇڏي رهيا آهن، عمران خان مائينس ٿيو ته سڄي پي ٽي آءِ مائينس ٿيندي، وفاقي وزير شبلي فرزا اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌُر ذاتي مفادن لاءِ نيب قانون تي سوديبازي چاهي ٿي، ڀلي حڪومت هلي وڃي پر نيب قانون تي اپوزيشن کي اين آر او نه ڏينداسين، اپوزيشن جا اڳواڻ به پي ٽي آءِ جي قيادت سان رابطي ۾ آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته بلاول ڀٽو پهرين سنڌ کي سنڀالي، هُن ذاتي مفادن لاءِ ملڪي مفادن جي قرباني ڏئي هڪ قومي پارٽي کي علاقائي پارٽي بڻائي ڇڏيو آهي، اي پي سي سڏائيندڙ سياسي طور بيروزگار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔