لنڊن: انگلينڊ جي دوري جي تيارين جو ٻيو دور شروع ٿي ويو آهي. ڊربي شائر ۾ رانديگرن جي اڄ کان بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل ٽريننگ جا 2-2 سيشن ٿيندا.
قومي اوپنر شان مسعود به سٺي ڪارڪردگي جي لاءِ پرجوش آهي. انگلينڊ جي بدلجندڙ موسم کان واقفيت جي لاءِ قومي رانديگر ڊربي شائر ۾ ڪيمپ لڳائي ورتا آهن.
اڄ کان ٽريننگ جا 2 سيشن شيڊول آهن. هيوي ويٽ ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني ۾ رانديگر بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل فٽنس جي لاءِ ان ايڪشن هوندا.
گذريل ڏينهن قومي اوپنر شان مسعود وڊيو پريس ڪانفرنس جي سٺي تيارين ۽ ڪاميابين جي اميد ڏياري ڇڏي. قومي رانديگر 17 تاريخ کان 4 ڏينهن وارو انٽر اسڪواڊ پريڪٽس ميچ کيڏندا.
پاڪستان ۽ انگللينڊ جي وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 5 آگسٽ کان ٿيندي. واضح رهي ته قومي اسڪواڊ ووسٽر شائر ۾ 14 ڏينهن قرنطنيه مڪمل ڪري ووسٽر شائر کان ڊربي شائر پهتا هئا