ڊيلاس: ارجنٽينا جي آسٽريا کي زيرو جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪست، ٻئي گول ميسي ڪيا. گروپ ’جَي‘ ۾ فٽبال جي عالمي دفاعي چيمپئن ارجنٽينا ۽ آسٽريا ۾ پاڪستاني وقت موجب رات ڏهين وقت ميچ شروع ٿي. 39 هين منٽ ۾ ميسي گول ڪري عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ 18 گول ڪندڙ دنيا جو پهريون رانديگر بڻجي ويو. ان کان اڳ 21 هين منٽ ۾ميسي پينالٽي اسٽروڪ مس ڪيو، جڏهن گول ڪيپر الابا بال کي ساڄي پاسي پول جي ڀر ۾ هٿ هڻي ٻاهر اڇلايو. موجوده عالمي ڪپ ۾ ميسي 5 گول ڪري هن وقت تائين وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر به آهي. ان کان اڳ 10 هين منٽ ۾ به ميسي جي هڪ شاٽ گسي وئي هئي. ميسي زندگي جو هي ڇهون ۽ آخري ورلڊ ڪپ کيڏي رهيو آهي، هن وقت تائين هن کي 10 پينالٽي ڪڪس جا چانس مليا آهن جن مان 7 ڀيرا هن گول ڪيا ۽ 3 ڀيرا گول مس ڪيا آهن. ٻيو هاف شروع ٿيو ته ٻنهي ٽيمن هڪٻئي تي حملا ڪيا. ارجنٽينا 66 هين منٽ ۾ به تبديليون ڪيون. جنهن بعد آسٽريا به 2 تبديليون ڪيون. جنگن بعد ڊرنڪ بريڪ ٿيو. وڌايل ٽائيم ۾ 95 هين منٽ ۾ ميسي ٻيو گول ڪيو، ٽي ڀيرا گول ڪيپر ۽ پليئرز گول موٽايا پر نيٺ ميسي ٻيو گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جنهن بعد هڪ 100 سالن جي عورت پوسٽر کڻي آئي ته ميسي جي 100 ساله مداح.
تبصرے بند ہیں۔