اسلام آباد : ايران جو صدر مسعود پزيشڪيان اڄ پاڪستان جو دورو ڪندو.ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته دوري جو مقصد آمريڪا-ايران ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ آهي، هو پنهنجي دوري دوران ان ثالثي ڪردار تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو به مڃيندو. ايران جي سربراهه کي ڀليڪار چوڻ لاءِ اسلام آباد کي سجايو ويو آهي. ان کان علاوه اسلام آباد جا سمورا ٽريلز (چڙهائي وارا رستا) پڻ بند رهندا. واضح رهي ته ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جي پاڪستان جي دوري جي ڪري اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس اڄ مڪمل طور بند رهندي. ميٽرو بس اختيارين موجب، اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس اڄ مڪمل بند رهندي، پر صبح 6 وڳي کان شام 7 وڳي تائين راولپنڊي ۾ سروس بحال رهندي. ميٽرو بس سروس صدر اسٽيشن کان فيض آباد تائين بحال رهندي. آئي جي پي (IJP) کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين اڄ ميٽرو بس سروس بند رهندي.
تبصرے بند ہیں۔