لاهور: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ آئيوي ڪوسٽ جي خلاف اهم ميچ کان اڳ جرمن ٽيم کي ٽورنٽو روانگي جي دوران سخت سيڪيورٽي ۽ اميگريشن مرحلي کان گذرڻو پيو.
رپورٽن موجب جرمن رانديگرن کي عام مسافرن جيان سموري معياري سيڪيورٽي چيڪس، سامان جي جانچ ۽ ڪسٽمز اسڪريننگ کي منهن ڏيڻو پيو.
ٽيم ميمبرن کي خصوصي رعايت ناهي ڏني وئي. پر انهن کي اتر آمريڪا جي سرحدي قانون ۽ هوائي اڏي جي ضابطن موجب مڪمل ڪارروائي کان گذرڻو پيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز رن وي وٽ اسٽارٽ بيٺل آهي پر جرمن ٽيم جي انهي ۾ ويهڻ کان اڳ ڏوهارين جيان تلاشي ورتي پئي وڃي. انهي دوران جرمني جي تجربيڪار گول ڪيپر مينوئل نوئر جا تاثرات خاص طور تي ڌيان جو مرڪز بڻيا.
تصويرن ۽ وڊيوز ۾ اهڙي طرح جي سخت جانچ جي عمل وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو، جنهن تي شوقينن مختلف خيالن جو اظهار ڪيو. واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو پيو وڃي ته عالمي شهرت يافته ايٿليٽس ۽ عالمي ٽيمن جي لاءِ به اوتري ئي سخت ۽ وقت طلب سيڪيورٽي جانچ ضروي آهي يا نه هنن کي ته خصوصي سهولتون ڏيڻ گهرجن. پر اختيارين جو موقف آهي ته سرحدي ۽ سيڪيورٽي قانون سڀني تي هڪ جهڙا لاڳو ٿيندا آهن ته جيئن حفاظتي معيار برقرار رکي سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔