اسلام آباد: پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ کان پوءِ سولر پليٽن جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي سامهون اچي وئي آهي.
رپورٽ موجب ذريعن موجب مختلف واٽس جي سولر پليٽن جي قيمتن ۾ 4 کان 9 هزار روپين تائين گهٽتائي ٿي وئي آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب پيٽروليم شين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ سولر پليٽن جون قيمتون وڌيڪ ٿيڻ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ هجڻ سبب بيٽريون به مهانگيون وڪرو ٿي رهيون هيون. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ بيٽرين جون قيمتون به گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔