ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري، شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪراچي:  ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري آهي جنهن سبب گذريل ٻن ڏينهن جيان اڄ به شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جو اي چالان ۽ ڳرن ڏنڊن جي خلاف ڦيٿا روڪ هڙتال جو اڄ ٽئون ڏينهن آهي پر سنڌ حڪومت طرفان هڙتال ختم ڪرائڻ جي لاءِ اڃان تائين ڪنهن به قسم جا قدم ناهن کنيا ويا.

ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب غريب شهري مزدوري ۽ نوڪري تي ويندڙ ماڻهو پنڌ هلڻ تي مجبور آهن جڏهن ته سول ۽ جناح اسپتال ويندڙ غريب شهري به رلي ويا، ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سان عام شهري نوڪري تي وڃڻ لاءِ سخت پريشان آهن.

ٻئي طرف ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سان آن لائن ٽرانسپورٽ سروس تي دٻاءُ وڌي ويو جنهن سبب چنگچي، رڪشه ۽ آن لائن سروسز جي ڀاڙن ۾ اضافو ٿي ويو، ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب پرائيويٽ گاڏيون هلائيندڙن جي چاندي ٿي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔