ابو ظهبي: گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) جي عالمي فضائي ڪمپني ”امارات ايئر لائن“ جا مسافر هڪ سال ۾ پروازن دوران 6 ڪروڙ لگزري ۽ مهانگا چاڪليٽ کائي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر لائن ”ورلڊ چاڪليٽ ڊي“ (7 جولاءِ) جي مناسبت سان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ ڪمپني جي اڏامن تي مجموعي طور تي 6 ڪروڙ چاڪليٽ استعمال ٿيا.
ايئر لائن موجب هي انگ اکر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 لک وڌيڪ آهي، سڀ کان وڌيڪ چاڪليٽ اڪانامي ڪلاس ۾ کاڌا ويا، جتي ساڍا ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ چاڪليٽ استعمال ٿيا.
ساڳي ريت نئين متعارف ڪرايل ”پريميئم اڪانامي ڪلاس“ ۾ به چاڪليٽن جي گهرج ۾ واڌارو ڏٺو ويو، جتي 10 لک 60 هزار چاڪليٽ استعمال ڪيا ويا.
ڪمپني موجب بزنس ڪلاس ۾ 92 لک چاڪليٽ کاڌا ويا، جڏهن ته فرسٽ ڪلاس جي مسافرن 122000 وڏن گورميٽ چاڪليٽ باڪس مان لطف ورتو، جيڪي لڳ ڀڳ 14 لک چاڪليٽن جي برابر آهن.
امارات ايئر لائن دنيا جي مشهور چاڪليٽ ٺاهيندڙ برانڊن سان ڀائيواري رکي ٿي ۽ هر ڇهن مهينن کان پوءِ اڏامن ۾ چاڪليٽن جا قسم تبديل ڪيا وڃن ٿيا ته جيئن مسافرن کي نواڻ ۽ تازي تجربو ملي.

پچھلی پوسٹ