جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب طرفان هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو گهڻي ڀاڱي واهپيدارن کي پسند نه ايندو، خاص طور تي اهڙن صارفين کي جيڪي يوٽيوب شارٽس ڏسڻ جا شوقين آهن.
واضح رهي ته يوٽيوب شارٽس تي مختصر وڊيوز ڏسڻ لاءِ فون عام طور تي پورٽريٽ موڊ ۾ رکيو ويندو آهي، جيئن ٽڪ ٽاڪ يا انسٽاگرام ريلز ڏسبيون آهن، ڇو ته فون عام طور تي ان ئي انداز ۾ هٿ ۾ رکڻ ۾ آسان آهي.
پر هاڻي يوٽيوب طرفان هڪ اهڙي فيچر جي آزمائش جاري آهي، جنهن ذريعي شارٽس وڊيوز لينڊ اسڪيپ موڊ ۾ به ڏسي سگهبيون.
”اينڊرائيڊ اٿارٽي“ جي رپورٽ موجب، هن وقت اهو فيچر رڳو ڪجهه اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
سٺي ڳالهه اِها آهي ته واهپيدار هن فيچر کي سيٽنگز جي Accessibility آپشن مان بند به ڪري سگهن ٿا.
جيستائين هي فيچر آن هوندو تيستائين جڏهن به توهان جو فون روٽيٽ ٿيندو ته شارٽس وڊيوز به پاڻمرادو لينڊ اسڪيپ موڊ ۾ هلي وينديون.
لينڊ اسڪيپ موڊ ۾ شارٽس ڏسڻ جو تجربو سٺو نه هوندو ڇو ته وڊيو اسڪرين جي وچ ۾ ننڍڙي جاءِ تي هلڻ لڳندي، جڏهن ته اسڪرين جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي خالي جاءِ( بلينڪ اسپيس) هوندي.
ان کانسواءِ لينڊ اسڪيپ موڊ ۾ وڊيو جا اختيار (آپشنز) به اسڪرين جي ساڄي پاسي منتقل ٿي ويندا.
