ڪچي بصرن جا صحت لاءِ ڳچ ۽ حيران ڪندڙ فائدا

ڪچا بصر رڳو ڀوڙ يا سلاد جو ذائقو وڌائڻ جي لاءِ ئي ناهن، پر انهن جا صحت جي حوالي سان پڻ حيران ڪندڙ فائدا هجن ٿا.

ڪچي بصرن ۾ قدرتي اينٽي آڪسيڊنٽس، اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون، وٽامنز ۽ منرلز موجود هوندا آهن جيڪي جسم تي ڪيترائي هاڪاري اثر ڇڏيندا آهن. ڪچي بصرن ۾ موجود فلاوونائڊز دل جي رڳن کي صاف رکڻ ۾ به مدد ڏيندا آهن.

ڪچا بصر بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي به گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن جيڪي دل جي دوري جي خطرن کي گهٽائن ٿا اهي خاص طور تي ٽائيٽ ٽو شگر جي مريضن لاءِ تمام گهڻا فائديمند آهن.

بصرن ۾ موجود سلفر مرڪب ۽ ڪوئرسينن رت جي شگر ليول کي بهتر طريقي سان ضابطي ۾ رکندا آهن. ڪچي بصرن ۾ وٽامن سي، زنڪ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي جسم جي بچاءَ واري نظام کي وڌائيندا آهن.

انکان وڌيڪ ته ڪچا بصر وائرل ۽ بيڪٽيريل انفيڪشنز کان بچائڻ ۾ مددگار هوندا آهن، اهي جسم جو گرمي پد نارمل رکڻ ۾ پڻ مدد ڪندا آهن خاص طور تي گرمين جي موسم ۾ ڪچا بصر کائڻ سان جسم کي ٿڌاڻ ملندي آهي لوءِ لڳڻ کان بچاءُ ملندو آهي.

ڪچي بصرن ۾ فائبر هوندو آهي جيڪو آنڊن کي صاف رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي پري بايوٽڪ خاصيتون آنڊن ۾ صحتمند بيڪٽيريا کي فروغ ڏينديون آهن ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس دماغ ۾ آڪسيڊيٽو دٻاءَ کي گهٽائيندا آهن جنهن سان يادداشت ۽ ذهني ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔