سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي ۾ امن لاءِ سنگين خطرو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کليل جارحيت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سنگين خطرو آهي، عالمي طاقتون، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون انهي سنگين ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺن.

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪندڙ ڀارتي قدم جي سخت مذمت ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کليل جارحيت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو قدم انتهائي چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻو آهي. معاهدي جي معطلي عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ خطي ۾ جاري امن  جي ڪوشش کي ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي.

هن چيو ته ڀارت ماضي ۾ به عالمي دورن ۽ اهم موقعي تي فالس فليگ آپريشن جو سهارو وٺندو رهيو آهي ته جيئن دنيا جو ڌيان اصل ظلمن ۽ ناانصافين تان هٽائي سگهجي. صدر ڪلنٽن جي ڀارت جي دوري دوران به ڀارت هڪ فالس فليگ آپريشن ۾ بي گناهه  سکن جو رت وهايو.

هن چيو ته اڄ هڪ دفعو ٻيهر پهلگام ۾ ساڳئي پراڻي چال ورجائي پئي وڃي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف عالمي مهم جو سڀني کان موثر ۽ متحرڪ حصو رهيو آهي اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجن هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي  اي پي ايس جهڙن سانحن کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو جي حياتي جو نذرانو اسان جي قربانين جي ڊگهي لسٽ آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي صرف هڪ آبي تڪرار ناهي، اهو هڪ واضح پيغام آهي ته ڀارت خطي ۾ طاقت جي زور ۾ جنگ طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان انهي اشتعال انگيزي کي هرگز برداشت نه ڪندو. ڀارتي قدم اخلاقي ڏيوالپڻي جي علامت ۽ عالمي برادري جي منهن تي چماٽ آهن. عالمي طاقتون، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون انهي سنگين ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔