فوج ملڪ جي اقتصادي ترقي جي عمل جي مڪمل حمايت جاري رکندي،آرمي چيف

لاهور : پنجاب ۾ زراعت کي جديد بڻائڻ لاءِ انقلاب آيو آهي. هارين کي هڪ ڇت هيٺان سڀ زرعي سهولتون فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي،چولستان ۾ “گرين پاڪستان” منصوبي جي شروعات تي، ڪنڊائي ۽ شاپو جي علائقن ۾ منصوبن جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، گرين مال اينڊ سروس ڪمپني، سمارٽ ايگري فارم، ۽ زرعي تحقيق ۽ سهولت مرڪز جو به افتتاح ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف پڻ تقريب ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پنجاب پاڪستان جو زرعي پاور هائوس بڻجي چڪو آهي، جديد زراعت ۾ پنجاب صوبي ۽ ان جي هارين جو اڳواڻي وارو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير مختصر عرصي ۾ پنجاب حڪومت جي گرين ڪارپوريٽ پلان تحت حاصل ڪيل ڪوششن ۽ ڪاميابين جي تعريف ڪئي، جنرل عاصم منير چيو ته گرين ڪارپوريٽ پلان تحت ٿوري عرصي ۾ اهي ڪاميابيون حوصلا افزا ۽ ترقي جي نشاني آهن. فوج ملڪ جي اقتصادي ترقي جي عمل جي مڪمل حمايت جاري رکندي، پنجاب ۾ شروع ڪيل زراعت کي جديد بڻائڻ جو منصوبو هارين کي هڪ ئي ڇت هيٺان سڀ زرعي سهولتون فراهم ڪندو. ڊرون سميت زرعي مشينري، هارين کي سبسڊي واري ڪرائي تي دستياب هوندي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف کان علاوه، قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ وارو وزير سيد عاشق حسين ڪرماني، آبپاشي وارو وزير محمد ڪاظم پيرزاده، ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري پڻ موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔