ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت، جسٽس منصور جو بينچ تي اعتراض

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل جي خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه انٽرا ڪورٽ اپيل جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ هن بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي شموليت تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي.جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو ته 23 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اجلاس کان پوءِ چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ ڪميٽي جو غير رسمي اجلاس گهرايو، اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته سينارٽي جي حوالي سان 5 رڪني بينچ انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٺاهيو وڃي. تجويز ڏني وئي هئي ته بينچ ۾ انهن ججز کي شامل نه ڪيو وڃي جيڪي ڪميٽي جا ميمبر به آهن.خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته چيف جسٽس چيو آهي ته اهو چار رڪني بينچ ٺاهڻ پسند ڪندو، رات 9 لڳي 33 منٽن تي منهنجي سيڪريٽري جو واٽس ايپ تي ميسيج آيو، سيڪريٽري مون کان 6 رڪني بينچ جي منظوري جو پڇيو، مون سيڪريٽري کي ٻڌايو ته مون کي انهي تي اعتراض آهي، صحيح جواب ڏيندس، رات جو 10 لڳي 28 منٽن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته 6 رڪني بينچ بڻجي ويو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سيڪريٽري ٻڌايو ته روسٽرم به جاري ڪيو ويو آهي منهنجو بينچ تي ٻن ميمبرن جي حد تائين اعتراض آهي، بينچز اختيارات جو ڪيس اسان کان واپس وٺڻ جو فيصلو ٻنهي ڪميٽين ڪيو، ڪميٽين ۾ شامل ججز جي فيصلي تي ئي سوال آهن. هن چيو آهي ته ڪميٽي ۾ شامل ميمبر پنهنجو پاڻ جج نٿا بڻجي سگهن، منهنجي اعتراض کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔