سياري ۾ جتي ٿڌ، زڪام ۽ نَڪ بند ٿيڻ جا مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن ساڳئي جاءِ تي وري اڻڀي ۽ خشڪ چمڙي به هڪ الڳ مسئلو هوندو آهي، خشڪ يا اڻڀي چمڙي هڪ ته ماڻهوءَ جي شخصيت تي به اثر ڇڏيندي آهي ٻيو وري ان سان چمڙي جي بيمارين يا خارش جا به خطرا وڌي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته سياري جي موسم ۾ سڻڀي ڪريمن ۽ لوشن جو استعمال وڌي ويندو آهي.
بهرحال اڄ اسان اوهان کي سياري جي موسم ۾ اڻڀي ٿيندڙ چمڙي جا پنج بهترين ۽ سولا علاج ٻڌائينداسين.
پاڻي پيئڻ: صحت ۽ چمڙي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گهربل مقدار ۾ هائڊريشن جو سڌيءَ ريت لاڳاپو چمڙي جي سيلن(جيو گهرڙن) سان هوندو آهي. جنهن سان چمڙي جي رونق ۾ واڌ ٿئي ٿي، انڪري ماهرن مشورو ڏنو آهي ته سياري جي موسم ۾ به روز اٺ کان ڏهه گلاس پاڻي پيئڻ گهرجي ۽ نارنگين وغيره سميت تازي ميون جا جوس استعمال ڪرڻ گهرجن جنهن سان خشڪ چمڙي جي مسئلي کان بچي سگهجي ٿو.
صابڻ جو گهٽ استعمال: سياري ۾ موسم ۾ ڪوشش ڪجي ته صابڻ يا ڪنهن فيس واش سان صرف هڪ ڀيرو ئي منهن کي ڌوئڻ يا وهنجڻ گهرجي، گهڙي گهڙي منهن ڌوئڻ سان چمڙي خشڪ ٿيندي آهي، اهو به ضروري آهي ته توهان خوبصورتي لاءِ چهري تي جيڪي ڪلينر، ڪريمون ۽ فومنگ جيلز وغيره استعمال ڪندا آهيو انهن جي چونڊ به بهتر هئڻ گهرجي، ڪلينر، فومنگ جيل ۽ ٻيون شيون چهري تي صاف ۽ خوبصورت ته بڻائينديون آهن پر انهن ۾ موجود گهڻي مقدار ۾ ۽ طاقتور جُز موجود هجڻ ڪري به چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي.
سڻڀ جو استعمال: سڄي ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پنهنجي جسم کي سڻڀو ڪندڙ ڪريمن ۽ تيل جو استعمال ڪيو، صبح جي وقت چهري تي سڻڀي ڪريم جو استعمال ڪرڻ سميت سڄي جسم تي به ڪريم ۽ سرنهن جو تيل استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته منجهند جي وقت به سڻڀي ڪريم جو استعمال ڪرڻ گهرجي ان سان گڏ رات جي وقت به سرهن جي تيل ۽ ڪريم جو استعمال ڪري اڻڀي چمڙي کان بچي سگهجي ٿو.
گرم پاڻي جو استمال: سياري جي موسم ۾ ٿَڌ کان بچڻ لاءِ ماڻهو گرم پاڻي ڪري وهنجندا آهن، جيڪو انهن کي سيءَ کان ته بچائيندو آهي پر چمڙي جي خشڪي جو وڏو سبب بڻجي ٿو. اڻڀي چمڙي کان بچڻ لاءِ گهڻي گرم پاڻي يا گهڻي مقدار ۾ گرم پاڻي کان وهنجڻ کان به پاسو ڪجي، ائين به ناهي ته ٿَڌ جو شڪار ماڻهو ٿڌي پاڻيءَ سان ئي وهنجي پر گهٽ گرم پاڻي جو استعمال توڙي گهٽ مقدار ۾ پاڻي جو استعمال چمڙي کي خشڪ ٿيڻ کان بچائيندو آهي، شهري آبادي جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جي علائقن جي ماڻهن کي ته تازو پاڻي گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي انڪري انهن کي پاڻي گرم ڪري وهنجڻ بدران تازي پاڻي سان ئي وهنجڻ گهرجي.