اسلام آباد:سيڪيورٽي ذريعن پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران مظاهرين جي مارجي وڃڻ وارين خبرن کي ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن طرفان ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ سبب ڪيترائي مظاهرين فوت ٿي ويا آهن. مظاهرين جي فوت ٿيڻ وارين خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي ناهي، پنهنجي ناڪامين ۽ ڪوتاهين کي لڪائڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي
سيڪيورٽي ذريعن واضح ڪيو ته رات دير سان پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي آتشي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته رات دير سان مظاهرين جي خلاف آپريشن جي دوران پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
پي ٽي آءِ ترجمان موجب باني چيئرمين سان ملاقات ۽ ڪور ڪميٽي جي گڏجاڻي کان پوءِ ايندڙ لائحه عمل ٻڌايو ويندو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب پرامن مظاهرين مٿان اسلام آباد جي روڊن تي گولين جي برسات ڪئي وئي، سوين هٿين خالي پاڪستانين کي زخمي ڪري رت ۾ وهنجاريو ويو.